انارڪلي (ڪتاب)

انارڪلي3 (ڪتاب ):نامور تاريخدان پير حسام الدين راشدي پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ افسانوي ادب ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي هئي. جنهن ڏس ۾ سندس پنج افسانا مولوي عبدالحميد ڀٽيءَ سکر واري جي المُنار رسالي ۾ 35-1934ع ڌاري ڇپيا هئا، جن ۾ انارڪلي، پاڪدامن عورت، گلن واري ڇوڪري، امانت ۽ بدنصيب شهزادو شامل آهن. انارڪلي افساني ان وقت تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي، ڇو ته اهو مغليه دؤر جي هڪ اهم عورت جو ڪردار هو، جنهن کي جهانگير بادشاهه ديوار ۾ چڻايو هو، انارڪلي افسانو جدا چوپڙيءَ جي صورت ۾ پڻ ڇپيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو